SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


فرانسيسي انقلاب


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


فرانسيسي انقلاب

French Revolution

فرينچ ريووليوشن

1789ع ۾ فرانس م ايندڙ انقلاب جو دُنيا جي سياسي تاريخ تي تمام گهڻو اثر آهي. هن انقلاب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ آزادي، برابريءَ ۽ ڀائيچاري جو سبق ڏنو. اِن انقلاب فرانس تي صدين کان قابض آمراڻي بادشاهت، ظالم ڪليسا ۽ ملڪ جي وسيلن تي ڄورون بڻيل امير طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي ۽ يورپ ۽ دنيا کي عوامي انقلاب کان متعارف ڪرايو. اُن انقلاب، وراثت ۽ ظولمي قبضن وارا هٿڪنڊا استعمال ڪري اقتدار سنڀالڻ بجاءِ روشن خيالي، شهري خدمتن ۽ فطري حقن جي حفاظت وارن تصورن هيٺ جمهوري بُنيادن تي اقتدار قائم ڪرڻ جو درس ڏنو. انقلاب جي شروعات تشدد ڀري ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ بادشاهي ڪُٽنب ۽ امير طبقو عوام جي ڪاوڙ جو شڪار ٿيو ۽ ٽن صدين کان مُلڪ تي راڄ ڪندڙ بوربن بادشاهت جو خاتمو آيو. رستن تي نڪري آيل عام فرانسين ۽ مُلڪ جي روشن خيال مساوات ۽ آجپو چاهيندڙ طبقي ڏسندي ئي ڏسندي جاگيردار طبقي ۽ پادرين جي بالادستيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏيو. انقلاب جي شروعات مئي 1789ع تي فرانس جي اشرافن ، پادرين ۽ عوام جي نمائندن تي ٻڌل مشاورتي مجلس Estate Generale جي اجلاس کان شروع ٿي. جنهن ۾ بادشاهي راڄ کان بغاوت جو اعلان ڪندي انقلابين جون ۾ ”ٽينس ڪورٽ“ ۾ پنهنجو اجلاس سڏائي نئين جوڙيل عوامي پارليامينٽ ( Third Estate ) جو اعلان ڪيو ۽ 14- جولاءِ تي ”باس تيلي“ جي قيد خاني (Bastille Prison) تي حملو ڪري ”انساني ۽ شهري حقن جو پڌرنامو“ منظور ڪيو. آگسٽ 1789ع ۾ مشهور ”ورسيلز“ جي محل تي عوامي حملو ٿيو ۽ 1792ع ۾ فرانس کي ”رعيتي راڄ“ قرار ڏيندي، مُلڪ جي آخري بادشاهه لوئي سورهين کي (1793ع) ۾ ”دهشت جي حڪمرانيءَ“ (Region of Terror) دوران قتل ڪيو ويو. مُختلف انقلابي ڌڙن جي هٿ ۾ اقتدار اچڻ سان مُلڪ ۾ وڏي رتو ڇاڻ ٿي ۽ ترتيبوار رابس پيئر، ’جيڪو بيائي‘ ۽ ’ڊائريڪٽري‘ جي سرشتن تحت هلندڙ حُڪومتن هڪٻئي سميت مُلڪ جي هزارين ماڻهن کي موت جي حوالي ڪيو. اِها وڳوڙي صورتحال ڏهن سالن تائين يعني 1799ع تائين هلي، نيٺ فوجي آمر نئپولين بوناپارٽ اقتدار هٿ ڪري مُلڪ ۾ ٻيهر استحڪام آندو. جديد دُنيا جي آزاد جمهوريت، سيڪيولرزم، آزاد خيالي ۽ انسان دوست حڪومتي سرشتي وارن تصورن جون پاڙون اِنهيءَ انقلاب ۾ کُتل آهن. هن انقلاب جي اهم سببن ۾ معاشي بدحالي، جنگين ۾ حصو وٺڻ ڪري ٿيل مالي ڏيوالو، بادشاهه ۽ مٿئين طبقي وارن جا اڍنگا خرچ، عوامي وسيلن جي ڦُرلٽ، روشن خيال تحريڪ جا اثر، سماجي، سياسي ۽ معاشي برابريءَ جي خواهش، فرانسيسي مُفڪرن جون تحريرون ۽ آمريڪي انقلاب جا اثر شامل آهن. اهو انقلاب آڻڻ ۾ عظيم فرانسيسي فلسفين روسو، والٽيئر ۽ مانٽيسڪيو جي خيالن جو تمام وڏو ڪردار آهي


Remember Me Also:

هلاڪت

هَلاڪَتَ جمع هَلاڪَتُون

ث . خفو، هلاکي، هَلاڪي، دِقت، چِڙ، بيزاري، ورچ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal